ٻڪر ڪٽونٻڙي

ٻُڪر ڪٽونٻڙي: عمرڪوٽ کان رتنور روڊ تي ڳوٺ ڀوڄ راجيو کان 8 ڪلوميٽر اوڀر ۾ هڪ ڀٽ واقع آهي، جنهن کي ”ٻڪر ڪٽونٻڙي“ چيو وڃي ٿو، ڪٽونٻڙي ان ڪري چئجي ٿو، جو ان جا پاسا ڪٽيل معلوم ٿين ٿا. هن ڀٽ جي اهميت هيءَ آهي ته 65-1830ع وارن سالن ۾ هتي سميجن ۽ سرائي ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿيو. اتي مهرو لالاڻي نالي هڪ نوجوان، عورت جي ويس ۾ مخالفن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڇڏيو ۽ کين ڪاٽڻ شروع ڪيو، ان ڪري هن ڀٽ تي نالو ٻڪر ڪٽونٻڙي پيو .


لفظ ٻڪر ڪٽونٻڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو